ٻانڌي: ڳوٺ رمضان جمالي ۾ ميلاد جي محفل جو انعقاد ڪيو ويو
ٻانڌي ( رپورٽ: منصب ڏاهري ) علي مردان جمالي، اقبال جمالي طرفان ساليانو جشن عيدميلادالنبي ﷺ جو جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي عاشقان رسول ﷺ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته ميلاد محفل ۾ نعت خوانن حضور ڪريم صلعم جي شان ۾ نعتون پڙهي عاشقان رسول ﷺ کي جهومائي ڇڏيو، جڏھن ته دلبر سائين خطاب ڪيو چيو ته اسان وڏا خوش نصيب آھيون جو اسان محبوب خدا حضرت محمد ﷺ جا امتي آھيون اسان سڀني عاشقان رسول ﷺ کي گھرجي ته اسان پنھنجي زندگي حضور پاڪ ﷺ جن جي طرز زندگي مطابق گذاريون جڏھن ته آخر ۾ عاشقان رسول ﷺ ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويو
