ڪنڊيارو: محبت ديرو مان هٿياربند چوڪيدار کي يرغمال بڻائي سامان ڦري ويا

Photo_25214

ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) محبت ديرو مان 3 نامعلوم هٿياربند رات دير راشد راچپوت جي اٽي جي چڪي تي ڪاهه ڪري چوڪيدار خدا بخش کي يرغمال بڻائي سولر انورٽر، موبائل ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا، مذاحمت تي چوڪيدار زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ چڪي جي مالڪ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان نوٽيس وٺڻ  جو مطالبو ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *