اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاروائي 6 دهشتگرد جهنم واصل

pakistan-army-ispr-report-2023

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز اسپن وام ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران 6 خوارج مارجي ويا ۽ 6 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران خوارج جي ٿاڪن جي اثرائتي ڳولا ڪئي وئي، مارجي ويل خوارج وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب مارجي ويل خوارج سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *