ڪشمور: ڳهيلپور ٿاڻي جي پوليس پارٽي تي هٿياربندن جو حملو
ڪشمور (رپورٽ: اقرار گل فراس ) پوليس پارٽي ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ته جوابدارن حملو ڪري ڏنو، جوابدارن جي حملي ۾ ايس ايڇ او گهيلپور سانول ميرالي سخت زخمي جنهن کي نازڪ حالت ۾ ڪشمور اسپتال آندو ويو جتان کيس رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو زخمي ايس ايڇ او اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ چيئرمين پاران امدادي سامان ورهائڻ دوران جوابدارن جو حملو ڪيو هو، ان حملي ۾ ملوث جوابدارن تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو اڄ جڏهن ڪارروائي ڪرڻ لاءِ وياسين ته جوابدارن حملو ڪري ڏنو، واقعي کانپوءِ اي ايس پي ڪشمور رانا دلاور سميت پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، اي ايس پي ڪشمور رانا دلاور چيو آهي ته جوابدارن قانون هٿ ۾ کڻي ورتو آهي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو
