ٽرمپ جي اچڻ سان پي ٽي آءِ باني جي آزادي ملڻ واري ڳالهه مذاق کان گهٽ ناهي: احسن اقبال
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته هڪ سياسي جماعت جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آيو ته سندن اڳواڻ کي آزادي ملندي اهو ڪنهن لطيفي کان گهٽ ناهي وفاقي وزير احسن اقبال جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو صدر چونڊجڻ آمريڪي عوام جو فيصلو هو، ان جو احترام ڪريون ٿا. احسن اقبال چيو ته هڪ سياسي پارٽي آمريڪي چونڊن جي نتيجن تي اهو چوڻ ته جيڪڏهن ٽرمپ آيو ته سندن اڳواڻ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، اها ڳالهه ڪنهن مذاق کان گهٽ ناهي. پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان احسن اقبال چيو ته تحريڪ انصاف جي هوابازي واري وزير سبب پي آءِ اي کي اربين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به قومي اداري کي گهٽ اگهه تي وڪرو نه ڪنداسين
