گهوٽڪي: ايف ايف سي مان برطرف ٿيل ملازمن جو اي او بي آئي وارو فيصلو سندن جي حق ۾ اچي ويو

taza tareen - Copy (2)

گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري مان 1992ع ۾ برطرف ٿيل 112  ملازمن  جو هائي ڪورٽ سکر بئنچ  EOBI وارو فيصلو  ملازمن جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو اهڙي فيصلي بعد ملازمن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ان موقعي تي سينيئر وڪيل جمشيد احمد فيض ڳالهائيندي چيو ته  1992ع ۾ ايف ايف سي ميرپور ماٿيلو ڪمپني 112 ملازمن کي غيرقانوني نوڪري تان برطرف ڪيو ھو جنهن جي بحالي کانپوءِ  EOBI  جو ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ ھو جنهن ۾ ڪورٽ سڳوري حڪم ڏنو ته سڀني بحال ٿيل  مزدورن کي  1992 کان وٺي ھن وقت تائين EOBI  جي رھيل  بقايائون ڏنيون وڃن، ڪمپني جو ڪو ملازم ريٽائر يا فوت ٿي وڃي ٿو ته EOBI  جو فرض آهي ته ان مزدور کي يا ان جي بيواهه يا وارث کي پينشن ڏي پر EOBI  ڪمپني کان اربين روپيا وٺي ٿي پر مزدورن کي پينشن نه ٿي ڏني وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *