ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪو، 28 مسافر مارجي ويا ڪيترائي کان زخمي
ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪو، 28 مسافر مارجي ويا، 60 کان زخمي، پوليس موجب ڌماڪو جعفر ايڪسپريس جي گذرڻ وقت ريلوي اسٽيشن اندر پليٽ فارم ۾ ٿيو، ڌماڪي وقت مسافر ريل ذريعي پشاور وڃڻ جي تياري ۾ مصروف هئا، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، پوليس سرجن موجب ڌماڪي ۾ مارجي ويل 22 ڄڻن جا لاش اسپتال آندا ويا، ايس ايس پي آپريشنز ٻڌايو ته ظاهري طور تي ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي ڌماڪي وقت پليٽ فارم تي 100 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا
