خيرپور: ڳوٺ خان محمد راڄپر واسين جو پريس ڪلب تي احتجاج
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ڳوٺ خان محمد راڄپر لڳ پير جنگل شاهه جي رهواسي عالم راڄپر پنهنجي بيواهه ڀيڻ زينت خاتون سان گڏجي پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو هن دانهيو ته اسان لال ڏنو ڳاهو جي دڪان تان مهيني جي اوڌر تي سامان وٺندا هئاسين، جنهن جا هڪ لک رپيا ٿي ويا، جنهن تي هن وياج هڻي 7 لک رپيا قرض بڻائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسان جي 3 جريب زمين تي پڻ بااثر لال ڏنو ڳاهو، زاهد، گل محمد، وحيد ۽ ٻين 13 سالن کان قبضو ڪري ويٺل آهن، هنن جو چوڻ هو ته اسان تَر جي چڱن مڙسن توڙي ڪنب پوليس کي شڪايت ڪئي آهي پر تدارڪ ناهي ٿي سگهيو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
