قاضي احمد: پ پ تعلقه نائب صدر پير فيض محمد جو احتجاج

Snapshot

قاضي احمد ( رپورٽ: جاويد سيال ) پ پ جي تعلقي نائب صدر پير فيض محمد نيشنل پريس ڪلب پھچي سيد آصف شاهه جي ظلمن کان تنگ ٿي احتجاج ڪيو، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آئون ڪراچي ويو ھيس ته رات جي وقت ھٿياربندن معشوق، عبدالواحد، نياز ، ياسين پيرزادو ۽ ٻين منھنجي گھر ۾ داخل ٿي منھنجي نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مٿان مون ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي، جڏهن ته پ پ جو مقامي اڳواڻ سيد آصف شاهه مون مٿان مڇرجي پيو آهي، هن جي چوڻ تي مون مٿان پٻجو ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آهي، هن چيو ته آءُ پ پ جو پراڻو ورڪر آھيان سيد آصف شاهه بااثر جوابدارن جو ساٿاري بڻجي منھنجي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيو آھي وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *