نواب ولي محمد ڀرسان سينيئر استاد جو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو
نواب ولي محمد ( رپورٽ: امين لاکو ) سينيئر استاد انور مهر جو ننڍو ڀاءُ سرور مهر رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ڪريم آباد شريف ۾ ادا ڪئي وئي، جنازه نماز ۾علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻ، مختلف برادرين جي معززين، استادن عبدالستار ھاشمي، فقير نصير، بهار مري، اڳوڻي يوسي چيئرمين عبدالستار راهو، ياسين سولنگي، يوسف رند، منظور بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنازه نماز بعد مرحوم کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
