ٻانڌي: ڳوٺ ميوو گبول واسي ڳوٺاڻن جو نيشنل پريس ڪلب تي احتجاج
ٻانڌي ( رپورٽ: منصب ڏاهري ) اسماعيل گبول ۽ رحمت گبول ڌانهيندي چيو ته اسان جي 2 ايڪڙ زرعي زمين تي بااثر معشوق گبول، عاشق گبول ۽ غلام حسين گبول وارن قبضو ڪيو آهي، ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن چيو ته اسان مسڪين آھيون، زمين جو کاتو به اسان وٽ موجود آھي، کاتو ھجڻ باوجود بااثر اسان جي زمين تي قبضي ڪري ويٺل آهن، اختياريون مامري جو نوٽيس وٺن ۽ زمين تان قبضو ختم ڪرائن
