ڏهرڪي ۾ سول ڪورٽ جي عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج جوابدارن کي سزا
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ۽ عبدالله پيربخش راڄڙي ) سول ڪورٽ ڏهرڪي جي عدالت ڏهرڪي واسي راڄڙي برادري جي پنج جوابدارن مٿان پلاٽ جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال قيد ۽ 16 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جوابدارن کي سينٽرل جيل سکر موڪليو ويو، سول جج منور علي پيرزادو جي عدالت جوابدارن مٿان جهيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ساجد راڄڙي، عابد راڄڙي، محمد علي راڄڙي، نور حسن راڄڙي ۽ علي حسن راڄڙي کي 3 سال قيد جي سزا ۽ 16 هزار روپيه جرمانو ادا ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي جوابدار وڌيڪ ڇهه مهينا جيل ۾ قيد ڪاٽيندا، هوڏانهن سمورا جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيل هئا، جن کي عدالتي احاطي مان ئي هٿڪڙيون هڻي سينٽرل جيل سکر موڪليو ويو، عدالت سڳوري فريادي جي وڪيل جاويد اختر سومرو ۽ جوابدارن جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد پنهنجو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو، جوابدارن مٿان فريادي محمد اصغر راڄڙي مارچ مهيني سال 2023ع ۾ ڏھرڪي ٿاڻي تي پلاٽ جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو
