ضلعي گهوٽڪي ۾ پوليو جو پهريون ڪيس ظاهر، ملڪ ۾ انگ وڌي 47 ٿي ويو
خانپورمهر ( رپورٽ: ارشاد شيخ ) ضلعي گهوٽڪي مان پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، خانپور مهر ڀرسان ڳوٺ چڪ سيال واسي 3 سالن جي نينگر اسماعيل پٽ قادر پتافي کي پوليو ظاهر ٿيو آهي،
ان بعد ملڪ ۾ پوليو جي مريضن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي، پوليو جا بلوچستان مان 23، سنڌ مان 13، ڪي پي ڪي مان 9 ۽ پنجاب مان هڪ ڪيس ظاهر ٿيو،
گهوٽڪي ضلعي مان ظاهر ٿيندڙ پوليو جي ڪيس جي اسلام آباد جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو ايرڊيڪيشن تصديق ڪئي آهي
خانڳڙهه تعلقي سميت گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليو جو هي پهريون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، خانڳڙهه تعلقي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي گهوٽڪي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي
