شڪارپور: سماجي اڳواڻ فقير ڪمال عرف ڏاڏو مگسي تي هٿياربندن جي فائرنگ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

Photo_25171

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سماجي اڳواڻ فقير ڪمال مگسي عرف ڏاڏو مگسي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو،  جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن، پوليس جوابدارن سان ٻٽ ٻڻيل آھي، ٿاڻي آڏو مظاهرين جي سخت نعريبازي،

ايس ايڇ او لکيدر رفيق سومرو جون مظاهرين سان ڳالھيون جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينھن جي طلب ڪري ورتي،

ان موقعي تي مگسي برادري جي غلام حسين، محمد سليم، اربيلو مگسي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن، پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *