نئون ديرو: ڳوٺ وانڍ سڪندر ڀٽو واسين جو ڊي ايس پي جي ريڊر خلاف احتجاج
نئون ديرو ( رپورٽ: وقار ڀٽو ) منظور ڀٽو ۽ اصغر ڀٽو دانهيندي چيو ته ڊي ايس پي جو ريڊر منور ڀٽو بااثر ماڻهو وٺي اسان جي ڳوٺ تي ڪاهه ڪري جاويد ڀٽ، شعيب ۽ فهد ڀٽو کي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ويو آهي، هنن چيو ته دانهن کڻي ٿاڻي تي وياسين پر اسان جي فرياد نه پئي ورتي وڃي، هنن چيو ته اسان کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ملي رهيو آهي نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
