سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدان جي اپيلن تي ٻڌڻي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدان جي اپيلن تي ٻڌڻي، لاڳاپيل ايس ايس پي ۽ ٻيون ڌريون عدالت ۾ پيش، واجد دراني ۽ راءِ طاهر بيماري سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيا، عدالت شعيب سڊل جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوليس جا سينيئر آفيسر آهن ته ڇا ان کي قتل ڪرڻ جي اجازت مليل آهي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شاهد حيات، شبير قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف لاڏاڻو ڪري ويا، عدالت ڪيترن ئي ٻڌڻين تي رپورٽ طلب ڪئي پر رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، عدالت اپيلن جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي
