ايران روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 28 ڄڻن جا مڙهه جيڪب آباد پهچايا ويا
جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ فوت ٿيل 28 ڄڻن جا مڙهه جيڪب آباد جي شهباز ايئربيس تي پهچايا ويا آهن، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ خيرپور مان فوتين جا وارث مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ شهباز ايئربيس تي پهچي ويا، هوڏانهن ايران جي يزد شهر مان خصوصي اڏام ذريعي جيڪب آباد جي شهباز ايئربيس تي 28 فوتين جا مڙهه آندا ويا ٻئي طرف صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻي مڙهه وصول ڪيا
