وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان ملاقات
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس ايما فين سان ملاقات، سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان هلندڙ منصوبن تي ڳالهيون، ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ پاڻي، صفائي سٿرائي جي منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ، وڏي وزير ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي مدد گهري ورتي، سنڌ حڪومت ۽ ايشين بينڪ وچ ۾ حيدرآباد انفرا اسٽرڪچر گئس جي اسٽڊي ڪرڻ تي اتفاق، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ، ايشين بينڪ ۽ ٻين ادارن جي مدد سان ٻوڏ متاثرن جا گهر محفوظ بڻائي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن جي 21 لک گهرن لاءِ واش پراجيڪٽ جي ضرورت آهي ته جيئن واش روم ۽ نيڪال جو سسٽم ٺاهيو وڃي، ٻوڏ متاثرن کانسواءِ به سنڌ حڪومت سولر پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي ايشيائي ترقياتي بينڪ واش ۽ سولر پراجيڪٽس جي لاءِ مدد جي خاطري ڪرائي آهي
