پنجاب ۾ هائير سيڪنڊري تائين تعليمي ادارا 17 نومبر تائين بند رکڻ جو اعلان
پنجاب حڪومت سموگ ۾ خطرناڪ واڌ کي نظر ۾ رکندي لاهور سميت 4 ڊويزنز ۾ پرائمري کان هائير سيڪنڊري تائين تعليمي ادارا 17 نومبر تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. صحت واري وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت مان ايندڙ گدلي هوا سبب سموگ جي شرح وڌي رهي آهي، هوائن جو رخ تبديل ٿيڻ سبب مختلف ضلعن ۾ گدلاڻ پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته مونجي جي فصل کي ساڙڻ سبب دونھون وڌي رهيو آهي، سموگ سبب پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا، پرائمري کانپوءِ سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول به بند ڪيا پيا وڃن، لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان ڊويزنن ۾ اسڪول آن لائين ڪم ڪندا. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايتن تي سموگ جي روڪٿام لاءِ ڪم جاري آهي، تمام گهڻو دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڀٽن، زراعت ۽ صنعتن ۾ سموگ جي روڪٿام لاءِ اسپيشل اسڪواڊ مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل ڏينهن لاهور جي اسپتالن ۾ سموگ سبب متاثر 900 کان وڌيڪ مريض آندا ويا، ماسڪ نه پائڻ سبب خطرناڪ ميٿين گيس جسم ۾ داخل ٿي رهي آهي. سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته شهري غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ ماسڪ ضرور استعمال ڪيو وڃي.
