آمريڪا سان لاڳاپا مضبوط ڪيا ويندا: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري تي پهتو ۽ غذر ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ بوبر ماڊل ڳوٺ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم 2022 جي ٻوڏ متاثرن ۾ گهرن جا مالڪاڻا ڪاغذ ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو آگسٽ 2022ع ۾ پهتو هو ته هر طرف تباهي جو منظر هو، غذر ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو هو. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄو ڳوٺ متاثر ٿيو، پر اڄ هتي نئين آبادي تعمير ڪئي وئي آهي، نئين وسندي جي تعمير تي اڄ هر طرف خوشي آهي، جنهن تي وڏي وزير گلبر خان کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هن ڳوٺ ۾ ڊسپينسري، اسڪول ۽ راند جو ميدان فوري طور تعمير ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪندو.
