حڪومتي قدمن سان وياج شرح ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي: شهباز شريف

Photo_25103

وزيراعظم شهباز شريف وياج شرح 15سيڪڙو تي اچڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته حڪومتي قدمن سان وياج شرح ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، وياج شرح گهٽجي 15 سيڪڙو ٿي وئي، معيشت لاءِ سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته وياج شرح ۾ گهٽتائي سان صنعت ۽ ٻين شعبن کي فائدو ٿيندو، سعودي عرب ۽ قطر جا دورا انتهائي ڪامياب رهيا، جلد نتيجا سامهون ايندا، سعودي ولي عهد پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو سندس چوڻ هو ته پاليسي ريٽ ۾ گھٽتائي ڪاروبار، صنعت ۽ ٻين شعبن لاءِ سٺي خبر آھي، مرڪزي بئنڪ گذريل ڪجھه مھينن ۾ پاليسي ريٽ ۾ گھٽتائي ڪئي آھي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گھٽجي 15 سيڪڙو تي اچي ويو آھي، پاليسي ريٽ ۾ گھٽتائي سان قرضن جو بار به گھٽجي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *