نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 40 پئسا في يونٽ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي شهرين لاءِ آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ 40 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب بجلي صارفين کان جنوري جي بلن جي مد ۾ وصولي ڪئي ويندي، جڏهن ته واڌ لائيف لائن صارفين تي لاڳو نه ٿيندي جيڪي هر مهيني 100 يونٽ بجلي استعمال ڪن ٿا.
