شڪارپور: ڇوڪري جي آواز تي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل ناظم آباد واسي کي بازياب ڪرايو ويو
شڪارپور جي بيگاري ڪڇ مان اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل جي ڪارروائي، نارٿ ناظم آباد جو رهواسي 4 مهينن کانپوءِ بازياب ٿي ويو. ميڊيا رپورٽ موجب اغوا ڪندڙن ڇوڪري کي وائس چينجر ذريعي شڪارپور مان فون ڪري اغوا ڪيو ۽ ڪچي ۾ کڻي ويا. نارٿ ناظم آباد ٿاڻي تي 26 جولاءِ تي علي عباس جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. اغوا ڪندڙ علي عباس جي گهرڀاتين کان 70 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو پر پوليس مغوي کي شڪارپور جي بيگاري ڪچي مان بازياب ڪرايو ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي کي سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.
