اعظم سواتي ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار

Photo_25094

پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي کي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. اعظم سواتي جي اسلام آباد جي عدالت گذريل ڏينهن مختلف ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي. اعظم سواتي کي ضمانت ملڻ تي کيس اٽڪ جيل مان آزاد ڪيو ويو هو پر ٽيڪسلا پوليس کيس ٻيهر حراست ۾ ورتو. واضح رهي ته اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي هئي. اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اعظم سواتي جي 8 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت اعظم سواتي جي 20 لک 20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي هئي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *