جڊيشل ڪميشن ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي برابر نمائندگي جو واعدو پورو نه ڪيو ويو:بلاول ڀٽو

Photo_25098

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،سي اي سي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي . پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي برابر نمائندگي جو واعدو پورو نه ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومت سان پيپلز پارٽي جي مستقبل جو فيصلو سي اِي سي ڪندي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ اھم فيصلا ٿيندا. بلاول ڀٽو زرداري جو ڏيھه واپسي تي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *