سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بئنچز جي جوڙجڪ بابت ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي مان منظور
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بئنچز جي جوڙجڪ بابت ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي مان منظور، ٺهراءُ گهرو ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار پيش ڪيو، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي حمايت ۾ راءِ شماري ۾ حصو ورتو، جماعت اسلامي جي محمد فاروق قرارداد جي مخالفت ڪئي، هڪ سئو 27 ميمبرن ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جڏهن ٺهراءَ جي 85 ميمبر حمايت ڪن ٿا ته ان کي بلڊوز نه ٿو ڪري سگهجي، جوڊيشل ڪميشن ٺهڻ کانپوءِ اسان صحيح وقت تي ٺهراءُ پيش ڪيو، قرارداد منظور ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بينچز ٺهي سگهنديون
