جاپان حڪومت پاران عورتن کي ڳوٺن ۾ شادي ڪرڻ تي هزارين ڊالرز ڏيڻ جو اعلان

2a300012a18af2d291b96d973f9249fd

جاپان جي حڪومت شهري عورتن کي ڳوٺن ۾ شادي ڪرڻ تي هزارين ڊالرز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

حڪومت جي اعلان موجب، شهري ۽ ٻهراڙي جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ گادي واري شهر ٽوڪيو واسي عورتن  کي شهر کان ٻاهر ڳوٺن ۾ شادي ڪرڻ تي 6 لک ين (4 هزار 140 ڊالرز) تائين ڏنا ويندا.

جاپان جي علائقائي بحالي واري مملڪتي وزير حناڪو جمي جو چوڻ هو ته اختيارين کي ان منصوبي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ادائگين جي اصل قيمت جي باري ۾ رپورٽس حتمي نه آهن.

ٻئي پاسي ان سرڪاري اسڪيم جي باري ۾ شوشل ميڊيا صارفين تنقيد ڪري رهيا آهين، صارفين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سياست ۽ ٻين شعبن ۾ مردن کي اماڻيو پيو وڃي پر عورتن کي ڳوٺن ۾ اماڻيو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *