ڀارت مان ايندڙ زهريلي هوائن سبب لاهور جي فضا صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي وئي
ڀارت مان ايندڙ زهريلي هوائن سبب لاهور جي فضا صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي وئي، لاهور ۾ سموگ جو راڄ برقرار، ساهه کڻڻ ۾ به ڏکيائيون، سموگ جي شرح خطرناڪ حد تائين پهچي وئي، لاهور جو ايئر ڪوائلٽي انڊيڪس 11 سئو 94 تائين پهچي ويو، موسميات کاتي موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي، هوا نه گهــُلڻ سبب سموگ جي شدت برقرار رهڻ جو خدشو آهي، ملتان ۽ پشاور ۾ به سموگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو، شهرين کي ساهه جي مسئلن، اکين ۾ سڙڻ جون شڪايتون عام ٿي ويون، طبي ماهرن پاران شهرين کي ماسڪ پائي گهرن مان نڪرڻ جو مشورو
