سيڪيورٽي فورسز جو ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
ڏکڻ وزيراعظم ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سرواڪئي ۾ خارجي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي مان خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
