مامي جو پٽ پنهنجي مالوٽ جي گهرواري کڻي ويو، ناري جو مڙس دانهن کڻي ٿاڻي پهتو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي مهوبه ضلعي مان انوکو واقعو سامهون آيو آهي نوڪري ڪرڻ ويل جي گهرواري مڙس جي مالوٽ سان گهران نڪري وئي آهي، ناري جو مڙس دانهن کڻي ٿاڻي تي پهتو جتي هن چيو ته منهنجي گهرواري کي منهنجو مالوٽ ورغلائي گهران ڪڍي ويو آهي، هن چيو ته مان ٽن مهينن کان نوڪري ڪرڻ لاءِ گهران نڪتل هيس واپس آيس ته منهنجي گهرواري موجود نه هئي، هن چيو ته مان پنهنجي گهرواري کي ڳولڻ لاءِ مامي جي گهر ويس ته انهن مون کي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو ناري جي مڙس چيو ته گهرواري کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي
