اليڪشن پي ٽي آءِ جي مرضي سان نه ٿيندي، آئين موجب ٿيندي: طلال چوڌري

Photo_25001

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ن ليگ جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته اليڪشن پي ٽي آءِ جي مرضي نه پر آئين موجب ٿيندي، فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر طلال چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت عوام جي مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، ڪي پي ۾ سولر ۽ ٽريڪٽر اسڪيم ناهي، هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب صوبي ۾ انقلابي قدم کڻي رهيو آهي، مريم نواز ٽريڪٽر اسڪيم، پنهنجو گهر ۽ عورتن لاءِ منصوبا شروع ڪيا آهن، خيبرپختونخواهه جا ماڻهو بدامني ۽ مسئلن جو شڪار آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جا سرڪاري وسيلا وفاق تي حملا ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن ۽ سرڪاري گاڏين کي احتجاج لاءِ اسلام آباد آندو ويو، چونڊجڻ بعد 8 مهينن کان وڏو وزير ڪي پي ڪي لاءِ ڪو به منصوبو نه کڻي آيو آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير حملي جي اڳواڻي ڪئي جنهن تباهي مچائي، هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو، پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته ٽرمپ ايندو ۽ هو اسان کي بچائيندو، ڪڏهن ڌرڻا، ڪڏهن ڌمڪيون، ڪڏهن ريليون، اهو سڀ ڪجهه ملي ٿو، توهان ماڻهن کي ڪجهه چئو ۽ ڪجهه ڪريو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *