غزه ۾ اسرائيلي فوج 24 ڪلاڪن دوران 95 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پرڏيهي ميڊيا موجب اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج جي حملن جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيل طرفان ڪيل حملن ۾ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ٻئي طرف لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ ماڻهن کي فوري طور تي 2 علائقا خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حملن جي تياري شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ 6 طبي ڪارڪنن سميت 45 لبناني شهيد ٿي ويا. هوڏانهن اسرائيل شام ۾ لبنان جي سرحد ويجهو به حملو ڪيو جنهن ۾ 10 شهري شهيد ٿي ويا. ٻئي طرف خميس ڏهاڙي حزب الله جي اتر اسرائيل تي راڪيٽ حملن ۾ 4 پرڏيهين سميت 7 ڄڻا مارجي ويا. آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله جنگ بندي جي ڪوششن ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي.
