وچ ۽ ڏکڻ پنجاب خطرناڪ سموگ جي لپيٽ ۾، حڪومتي قدم ناڪام
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وچ ۽ ڏکڻ پنجاب خطرناڪ سموگ جي لپيٽ ۾ آهي، پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سموگ جو راڄ وڌي رهيو آهي، جنهن سبب هوا جو معيار خراب ٿي ويو آهي وچ ۽ ڏکڻ پنجاب خطرناڪ سموگ جي لپيٽ ۾ آهن ۽ ان حوالي سان حڪومتي قدم به سموگ کي گهٽائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، صبح سوير لاهور جي هوا جو معيار صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار هو، جنهن سبب لاهور اڄ به دنيا جي آلودگي وارن شهرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي، لاهور جي فضا ۾ ذرات جو انگ 577 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ڀارت جو شهر ڪولڪتا ٻئي ۽ راڄڌاني دهلي ٽئين نمبر تي آهي، ان کانسواءِ ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ سموگ جي شدت وڌي وئي آهي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهي
