سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جي مخالفت ڪندي رهي آهي: وڏو وزير

Murad-Ali-Shah

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جي منصوبي جي هر فورم تي مخالفت ڪندي رهي آهي. جي يو آءِ سنڌ جي صدر مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران جي يو آءِ اڳواڻن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ جي منصوبي تي خدشن جو اظهار ڪيو. جي يو آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي مسئلي ۽ عوامي موقف کي پيش ڪرڻ لاءِ جي يو آءِ پاران ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جنهن جي وڏي وزير کي دعوت ڏني آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جي منصوبي جي هر فورم تي مخالفت ڪندي رهي آهي. هن چيو ته جميعت علماءِ اسلام پاران پاڻي مسئلي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندس. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو ڪچي ۾ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته آپريشن جي ڪاميابي لاءِ پوليس ايڪشن کانسواءِ سمورن سياسي، سماجي ۽ بااثر شخصيتن جي ضرورت پوندي. ملاقات ۾صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پڻ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *