جعلي نمبر پليٽس، ڪارن شيشن ۽ ھٿيارن جي نمائش خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت جو جعلي نمبر پليٽس، ڪارن شيشن ۽ ھٿيارن جي نمائش خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جعلي نمبر پليٽس، ڪاري شيشي ۽ هٿيارن جي نمائش روڪڻ خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ رينجرز جي نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس دوران چيف سيڪريٽري چيو ته جعلي نمبر پليٽس ۽ ڪاري شيشي وارين گاڏين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته عوام جي حفاظت لاءِ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي متحرڪ ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري گھرو کاتي کي جعلي نمبر پليٽس ۽ ڪارن شيشن خلاف آگاھي مھم ھلائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.
