نوشهروفيروز: الخدمت فائونڊيشن پاران يومِ آزادي جي حوالي سان تقريب منعقد
نوشهروفيروز ( رپورٽ: ذوالفقار تڳر ) آرفن ڪيئر پروگرام الخدمت فائونڊيشن ضلعي نوشھرو فيروز پاران يوم آزادي جو ڏينھن يتيم ٻارڙن سان گڏجي چنا ميريج حال ۾ملھايو ويو، پروگرام جو مھمان خاص ڊزاسٽرمينيجمينٽ سنڌ جو ڊپٽي ڊائريڪٽرڪنور راشد مڪرم ھو، تقريب جي صدارت الخدمت فائونڊيشن جي سرپرست اعليٰ محمد شبير خانزاده ڪئي، جڏھن ته مھمانن ۾ سنڌ بارڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لھراڻي، اڳوڻي بار جي صدر عبدالرحيم عباسي، گسٽا جي ضلعي صدر محمد پريل ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن چيو ته الخدمت فائونڊيشن سموري پاڪستان ۾ 30000 هزار يتيم ٻارن صوبي سنڌ ۾ 3500 يتيم ٻارڙن ۽ ضلعي نوشھروفيروز اندر 150 يتيم ٻارن جي ماءُ جي اڪائونٽ ۾ 4000 هزار ھر مھيني مدد ڪئي ويندي آھي ۽ انھن جي تعليم ۽ ڪتابن جي ڌار نگراني ڪئي ويندي آھي هنن چيو ته اسين سنڌ ۾3 وڏا يتيمن جي پالنا لاءِ گھر ٺاھيا آھن
