سکر: ٿيلسيميا جي مرض ۾ وڪوڙيل ٻارڙن جي رت جي عطيئي لاءِ تقريب
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سکر ۾ سماجي تنظيم پاران ٿيلسيميا جي مرض ۾ وڪوڙيل ٻارڙن جي رت جي عطيي لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي، سکر هاسپٽل ۾ قائم ٿيليسيميا سينٽر ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ايس اي پي سکر امجد احمد شيخ ، شبير ميمڻ، عذرا جهان ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي ايس ايس پي امجد شيخ ٿيلسيما جي مريض ٻارڙن ۾ تحفا ورهائيندي چيو ته ٿيليسميا سينٽر ۾ مريض ٻارڙن سان ملاقات جو مقصد کين اِهو احساس ڏيارڻ آهي ته هو اڪيلا نه پر سماج جو هر باشعور فرد انهن سان گڏ آهي، هن چيو ته ٿيلسيميا سينٽر تي علاج لاءِ ايندڙ ٻارڙا پنهنجي اولاد جيان عزيز آهن جلد پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ رت جي عطيي لاءِ ڪيمپ لڳرائي ويندي
ٻئي طرف اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن سميت ٿيلسيميا جي مرض ۾ ورتل هڪ هزار ٻارڙن کي روزانو 40 رت جون بوتلون عطيو ڪيون وڃن ٿيون
