قطر حڪومت پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي قطر جي دوري جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا، دوري جو پڌر نامو جاري ڪيو ويو
پڌرنامي موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ موجوده تعاون کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ تي عذم ڪيو ويو،
دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ اهم اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو،
ان حوالي سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته قطر توانائي، مائنز ۽ معدنيات توڙي آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندو، سعودي عرب جو مشهور فاسٽ فوڊ چين به پاڪستان اچي رهيو آهي،
عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم جو سعودي عرب ۽ قطر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، سعودي عرب جي سيڙپڪاري 2.2 بلين ڊالرن مان وڌي 2.8 بلين ڊالر ٿي چڪي آهي،
