ڏياري جون تقريبون جاري، مندرن ۾ پوڄا پاٽ، گهرن کي سينگاريو ويو

Close-Up Of Hand Holding Illuminated Candles

Photo Taken In Benares, India

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ رھندڙ ھندو برادري پنهنجو مذھبي تھوار ڏياري مذھبي جوش ۽ جذبي سان ملھائي رهي آھي، ڏياري جي تقريبن جو آغاز مندرن ۽ گھرن ۾ لڪشمي پوڄا سان ڪيو پيو وڃي، جنھن بعد ننڍا توڙي وڏا ڦٽاڪا ڦاڙي مٺايون ورهائي ڏياري جون خوشيون ملھائي رهيا آهن، ڏياري جي مناسبت سان هندو برادري جي ماڻھن پاران گهرن ۽ مندرن کي خوبصورت رنگ برنگي بتين، ڏيئن سان سينگاريو ويو آھي ۽ پوڄا پاٽ سان گڏ گهرن ۾ ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري رنگولي ٺاھي محبتن ۽ خوشين جو ڀرپور  اظھار ڪيو پيو وڃي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *