گهوٽڪي: ڪشمور جو صحافي آزاد نه ٿيو قلم ڌڻين جو ديرا موڙ وٽ احتجاج
گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) هفتو اڳ پنجاب پوليس هٿان مبينا طور کنڀيل خانگي ٽي وي چينل جو رپورٽر خان محمد شر ۽ سندس خاندان آزاد ناهي ٿي سگهيو، صحافي جي عدم آزادي تي ڪشمور ۽ ضلعي گهوٽڪي جي قلم ڌڻين ديرا موڙ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل مطالبو ڪيو پيو وڃي، ڪشمور جي بيباڪ صحافي خان محمد شر ۽ سندس خاندان کي آزاد ڪرايو وڃي
