چوھڙجمالي شھر ۾ ھڪ روزه ڪوڏي ڪوڏي راند جو مقابلو ڪرايو ويو، ٽنڊو محمد خان ٽيم ڪامياب، ٽائون چيئرمين ۽ ٻين مھمانن انعام ورھايا
چوھڙجمالي ( اسائينمينٽ ڊيسڪ ) چوهڙ جمالي ۽ ٽنڊو محمد خان ٽيمن وچ ۾ ھڪ روزه ڪوڏي ڪوڏي مئچ ڪرايو ويو جنھن ۾ ٽنڊو محمد خان جي ٽيم ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪامياب رانديگرن ۾ ٽائون چيئرمين عثمان ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين شڪيل احمد کٽي ۽ ٻين ڪامياب رانديگرن ۾ انعام ورھايا، ان موقعي تي ٽائون چيئرمين عثمان ميمڻ چيو تھ راندين جا ميدان آباد ڪرڻ سان نوجوان طبقو ذھني ڊپريشن مان نڪري دماغي ۽ جسماني طور صحتمند رھندو آهي نوجوانن کي اھڙين سرگرمين ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ کپي
