ناري سان ملڻ آيل پريمي ناري جي وارثن جي سڄاڳ ٿيڻ تي ٽئي منزل عمارت تان ٽپو ڏئي ڇڏيو
قاضي احمد ( رپورٽ: جاويد سيال ) قاضي احمد جي دوست محمد ڪالوني مان ڳوٺ الهداد لنڊ واسي نوجوان زمان لنڊ جو لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي پوليس چيو ته نوجوان عشق جي چڪر ۾ دوست محمد ڪالوني آيل هو، نوجوان زمان لنڊ ڇوڪري سان ملڻ ويو هيو ته ناري جا وارث سجاڳ ٿي پيا جنهن تي نوجوان 3 منزله جڳھه تان ٽپو ڏنو، جنهن ڪري هو موقعي تي فوت ٿي ويو پوليس چيو ته وڌيڪ خبر پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوندي، جڏهن ته عورت کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل عورت نورين ملاح پوليس کي بيان ڏنو ته نوجوان زمان سان 3 سالن کان تعلق جڙيل هيو، اڄ مونسان ملڻ منهنجي گهر آيو ته منهنجي والده سڄاڳ ٿي پئي جنهن سبب هن خوف کان عمارت تان ٽپو ڏنو ۽ هيٺ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو
