ڀٽ شاهه: ٽائون چيئرمين ۽ مير مسرت جعفري پاران ترقياتي ڪمن جو جائزو

WhatsApp Image 2024-10-31 at 20.09.17_4e2244ab

ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن تي مير مسرت جعفري ۽ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه چيئرمين چيئرمين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران ڀٽ شاهه ٽائون ڪميٽي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جوجائزو ورتو ويو، هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڳواڻ وارڊ نمبر 1 ۽ وارڊ نمبر 2 ۾ پهتا، جتي عوام پاران سندن جو وک وک تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي تڪ جي عوام جو چوڻ هو ته گذريل پنجاهه 50 سالن کان اسان جو علائقو لاوارث بڻيل هو ۽ علائقي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو هو، ڀٽ شاهه واسين چيو ته مخدوم محبوب الزمان جا ٿورائتا آهيون جن اسان جي سار لڌي آهي، ان موقعي تي رئيس وسيم احمد ٻگهيو، پيرل فقير، امداد چانگ، سينئر صحافي رجب بوزدار، فيض ملاح، واجد ملاح، صادق چھواڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *