سيتاروڊ: جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي ٽائون انتظاميه خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج
سيتاروڊ ( رپورٽ: عديل جانوري ) جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن سينگار سولنگي، اسلم چانڊيو، مور سولنگي، ياسين سولنگي ۽ مير ڪلهوڙو اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت صفائي، پبلڪ پارڪ، ٽائون پراپرٽي تي قبضا خالي ڪرائڻ سميت ڊرينيج سسٽم جي عدم بحالي خلاف نوراني مسجد کان نيشنل پريس ڪلب تائين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 1 ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ بجيٽ هجڻ باوجود نڪاسي نظام تباهه آهي، سيتا روڊ ٽائون انتظاميا مان مڪمل مايوس ٿي چڪا آهيون فوري طور تي جائز مسئلا حل ڪري پبلڪ پارڪ سميت ٽائون پراپرٽي تان قبضا ختم ڪيا وڃن
