مٽياري ۾ وڌندڙ بدامني ۽ انتظامي خاموشي تي واپارين پاران ڪٺ گهرايو ويو
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) مٽياري ۾ بدامني، لاقانونيت ۽ واپارين توڙي شهرين کان ڏوهارين پاران ڦرلٽ توڙي انتظامي خاموشي بعد شهرين ۽ واپارين پاران ڪٺ ڪوٺايو ويو، شهري تنظيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب جنيد ميمڻ، زبير ميمڻ ،علي اختر ميمڻ، آصف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪٺ ٿي گذريو جنھن ۾ واپارين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، واپارين ۽ شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ واپاري ايسوسيئيشن مٽياري جو قيام عمل ۾ آندو ويو، واپاري ايسوسيئيشن مٽياري لاءِ صدر جنيد ميمڻ، جنرل سيڪريٽري زبير ميمڻ کي چونڊيو ويو، ڪٺ کي خطاب ڪندي صدر جنيد ميمڻ ۽ ٻين چيو ته شهر جا سمورا واپاري پاڻ ۾ متحد آھن ڪنهن کي به واپارين سان ناجائزيون ڪرڻ نه ڏينداسين،
