احتجاج جي ڪووريج لاءِ پهتل صحافي کي پوليس مبينا طور کنڀي گم ڪري ڇڏيو
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) رات دير سان جوابدارن طرفان حملو ڪري لاڙڪ برادري جي نوجوان کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪندڙن جي ڪووريج لاءِ پهتل صحافي ڪفايت گل کي ايس ايڇ او بي سيڪشن مشتاق جتوئي تشدد ڪرڻ بعد کيس لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو، مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جو ڌمڪيون
ٻڌايو پيو وڃي ته صحافي ڪفايت گل ڪووريج ڪرڻ لاءِ بي سيڪشن ٿاڻي تي پهتو هو، ايس ايڇ او بي سيڪشن مشتاق جتوئي ساڻس بدتميزي ڪئي ۽ اهلڪارن کان کنڀرائي سخت تشدد جو نشانو پڻ بڻايو
هوڏانهن صحافي ڪفايت گل مٿان بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي تشدد ۽ گرفتاري واري واقعي کانپوءِ خيرپور جي صحافين طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي وئي ته صحافي کي آزاد ڪرايو وڃي
