سنڌ امن جي ڌرتي آھي اچو ته سنڌ ڌرتي کي امن جو گھوارو بڻايون: شائسته کوسو

WhatsApp Image 2024-10-28 at 12.55.47_625c688a

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته کوسو نيشل پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعا اغوا انڊسٽري بڻيل آهن، بدامني عروج تي پھتل آھي، اغوا، چوريون، ڦريون، قتل ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪا آھن، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جو امن ھٿ سان تباهه ڪيو ويو آھي، هن چيو ته سنڌ امن جي ڌرتي آھي اسان کي گھرجي ته گڏجي سنڌ ڌرتي کي امن جو گھوارو بڻايون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار پڙھن ٿا ان لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ ڪا به سھولت ميسر ناھين، هن جو چوڻ آهي ته نوڪريون پئسن تي وڪامجن ٿيون، هر اداري ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، ڪو به ڪم رشوت کان بغير نه ٿو ٿئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *