پ پ سنڌو درياهه مان ڏاڍ تي ڪئنال ڪڍائڻ واري منصوبي ۾ پنجاب سان گڏ بيٺل آهي: ڄام عبدالفتح سميجو

WhatsApp Image 2024-10-28 at 14.37.49_da4e755a

ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله  صادق لغاري ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سينيئر وائيس چئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو جي پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي،  هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ورلڊ بئنڪ سميت سڀ پاڻي ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌو درياهه مان سمنڊ ۾ گهربل پاڻي پهچڻ گهرجي، پاڪستان پيپلز پارٽي سرڪار وفاقي سرڪار سان گڏجي سنڌو درياهه کي سڪائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار وفاقي سرڪار سان گڏجي سنڌو درياهه کي سڪائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ دشمني آهي، جنهن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن پ پ اقتدار ۾ نه هئي ته ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال جي خلاف احتجاج ۾ اسان سان گڏ هئي جڏهن کين اقتدار مليو ته پ پ قيادت ٿل ڪئنال جي لاءِ  بجيٽ ۾ رقم رکي ڇڏي ۽ هاڻ به پ پ جي قيادت سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪندي سنڌو درياهه مان ڏاڍ تي ڪئنال ڪڍائڻ واري منصوبي ۾ پنجاب سان گڏ بيٺل آهي ان عمل جي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان مرحليوار احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت 30 آڪٽوبر تي ٻٻرلو باءِ پاس وٽ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن بعد حيدرآباد سڪرنڊ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا 24 نومبر تي گورنر هائوس جي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *