ٺاروشاهه: ڀورٽي جي ڪچي ۾ مبينا طور ناري سان زيادتي جو انڪشاف

WhatsApp Image 2024-10-28 at 15.30.49_ce8c9ef1

ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ڀورٽي جي ڪچي ۾ مبينا طور 14 ساله ناري فرزانه خاصخيلي سان ٻن ڄڻن جي جنسي ڏاڍائي، ناري فرزانا جي پيءَ گلاب خاصخيلي ماءُ منظوران خاصخيلي روئيندي ٻڌايو ته رات دير سان اسان جي گھر ۾ 6 ھٿياربند داخل ٿيا، جوابدارن اسان کي ھٿيارن جي زور تي رسن سان ٻڌي مارڪٽ ڪئي ۽ اسان جي 14 سالا ڌيءَ کي اغوا ڪري ويا ٻن ڄڻن شفيق ڀرٽ ۽ رزاق ڀرٽ ٻن ڪلاڪن تائين نياڻي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو

هنن چيو ته اسان رسن مان پاڻ کي ڇڏائي ڳولا ڪندا جھنگ مان پنھنجي نياڻي کي بيھوشي جي حالت ۾ ھٿ ڪيو هنن جو چوڻ آهي ته اسان غريب آھيون، اسان جي نياڻي کي زيادتي جو نشانو بنائيندڙ بااثر وڏيري فياض ڀرٽ ۽ شبير ڀرٽ جا ڪمدار آھن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *