خيرپور ۾ اسپتال انتظاميه جي بيحسي بيمار پيرسن کي ڌڪا ڏئي باهر ڪڍي ڇڏيو
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پيرسن محمد ڏنو ڪٽپر صحافين کي ٻڌايو ته هو گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا آهي کيس ساهه کڻڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي، رات دير سان سول اسپتال پهتو پر کيس بيڊ نه ڏنو ويو ۽ ڊاڪٽرن اسپتال مان کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ھن ٻڌايو ته مون کي آڪسيجن جي ضرورت آهي پر اسپتال انتظاميه مون کي آڪسيجن به نه ڏني، جنهن ڪري سخت تڪليف ۾ آهيان ۽ اسپتال ٻاهران فوٽ پاٿ تي ستل آهيان، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته منهنجو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي
